باقر خان نظاماڻي

باقر خان نظاماڻي: ضلعي سانگهڙ ۾ تعلقي شھدادپور جو هڪ مشھور ڳوٺ، جيڪو شھدادپور- هالا روڊ تي، روهڙي ڪئنال ڀرسان رئيس باقر خان ولد قيصر خان نظاماڻي پنھنجي نالي سان، ڪلهوڙا دور جي پڄاڻي يا ميرن جي شروعاتي دور ۾ آباد ڪيو. روهڙي ڪئنال جي ڪنڌيءَ تي آباد هجڻ سبب، موجوده دؤر ۾ هي ڳوٺ باقر موريءَ جي نالي سان ننڍڙو ڪاروباري شھر بنجي ويو آهي، جتي پڙهيل لکيل ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد رهي ٿو. هن وقت ڳوٺ ۾ نظاماڻين کانسواءِ سيد، خاصخيلي، لوهار، ڪنڀار، ابو پوٽا، ڪوري، بڪيرا، ڏاهري، ماڇي، شيدي، ميگهواڙ، راجپوت ۽ ٻين ذاتين وارا رهن ٿا. رئيس خان نظاماڻي'>باقر خان نظاماڻي جا وڏا ضلعي ديري غازي خان جا هئا. ورهاڱي کان اڳ ڳوٺ خان نظاماڻي'>باقر خان نظاماڻي واپار جي لحاظ کان وڏي حيثيت رکندو هو. وڻج واپار جي ڪِرت وارا هندو به وڏي تعداد ۾ آباد هئا. ان کانسواءِ هتي سونارا، لوهار ۽ موچي به رهندا هئا. هتان جا سونارا ۽ لوهار پنھنجي فن جا مشھور ڪاريگر هئا، جيڪي سونا زيور، ڪھاڙيون، ڪوڏرون، ڏانٽا، هرن جا ڦار ۽ لوهه مان ٺھندڙ ٻيا اوزار تيار ڪندا هئا. هتان جا موچي ۽ لوهار سنڌي جتيون، گهوڙن جا نعل ۽ سنج ٺاهڻ ۾ مشھور هئا. پاڪستان ٺھڻ بعد هتان جا هندو ڀارت ۽ ٻيا وري ڳوٺ ڇڏي مختلف شھرن ۾وڃي آباد ٿيا. هي ڳوٺ ڪلهوڙن جي دور کان موجوده دور تائين سياست جو ڳڙهه رهيو آهي. جڏهن ته شھيد ذوالفقار علي ڀٽي، پ پ ٺاهي ته هتان جو معزز ۽ سماج سڌارڪ رئيس لال ڏنو خان نظاماڻي پ پ ۾ شامل ٿيو. جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ به هي ڳوٺ سياسي سرگرمين جو مرڪز رهيو. رئيس لال ڏني خان نظاماڻي جو فرزند عطا محمد نظاماڻي (مرحوم) شاگردي واري دور کان قومپرست سياست شروع ڪئي، بعد ۾ مير غوث بخش بزنجي جي بي اين پي ۾ به سرگرم رهيو. هتي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ پرائمري اسڪول، مڊل اسڪول، هاءِ اسڪول قائم ڪيل آهن. ڳوٺ ۾ هائر سيڪنڊري اسڪول، گرلس پرائمري اسڪول، زرعي آفيس، ميڊيڪل ڊسپينسري، پوسٽ آفيس ۽ ٻيا سرڪاري ادارا ڪم ڪري رهيا آهن. هن وقت ڳوٺ جي آبادي 10 هزار ماڻهن تي مشتمل آهي.


لفظ باقر خان نظاماڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو